پاڪستان

August 23, 2022 1:09 pm

ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وڃي : راڻا ثناءُ الله

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وڃي ۽ کيس عدالت مان ئي گرفتار ڪيو وڃي. خانگي ٽي وي چينل سان عمران خان جي ضمانت واري معاملي تي ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي، مٿس داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ وڌيڪ ثبوتن جي ضرورت ناهي، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سندس بيانن ۽ لفظن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ عمران خان پاڻ شاهد ۽ ثبوت آهي.وفاقي گهرو وزير چيو ته هاڻي جڏهن عمران خان عدالت مان ضمانت ڪرائيندو ۽ اسان کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته عمران خان جي ضمانت واري درخواست خارج ٿي وڃي ۽ کيس ان ئي وقت عدالت مان گرفتار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان توهين آميز ڳالهه ڪئي ۽ جج کي ڌمڪيون ڏنيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به سندس ڌمڪين کي ڏوهه تسليم ڪندي پاڻمرادو نوٽيس ورتو، هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ڪارروائي شروع ڪندي. گهرو وزير چيو ته عمران خان جنهن جيل ۾ رهڻ چاهيندو ان ۾ رکيو ويندو، جيڪڏهن هو پنجاب جي جيل وڃڻ چاهي ٿو ته کيس اتي موڪليو ويندو يا اسلام آباد جي ئي ڪنهن جگھ کي سب جيل قرار ڏنو ويندو. هن چيو ته پنجاب ۾ پرويز الاهي جي حڪومت عمران خان کي جيتريون به سهولتون ڏي ، عمران لاءِ جيل ۾ رهڻ تمام ڏکيو هوندو.

وڌيڪ پڙهو: