شوبز

August 23, 2022 12:48 pm

بگ باس 14 جي مقابلي ڪندڙ ۽ سياستدان سونالي فوگٽ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي

بي جي پي اڳواڻ ۽ اداڪارا سونالي ڦوگٽ، جيڪا بگ باس 14 ۾ وائلڊ ڪارڊ طور داخل ٿي هئي، دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سونالي ڀارتي شهر گوا ۾ هئي جتي سومر جي رات کيس دل جو دورو پيو.

41 سالن جي سياستدان ۽ اداڪارا سونالي جو مڙس 2016 ۾ فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته کيس هڪ ڌيءُ به آهي.

گوا ۾ سندس عملي جو چوڻ آهي ته سونالي ڪافي عرصي کان بيمار محسوس ڪري رهي هئي جنهن بعد کيس اسپتال نيو ويو جتي هوءَ بچي نه سگهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي.

ياد رهي ته سونالي ڦوگٽ شو جي وچ کان بگ باس جي 14هين سيزن جو حصو هئي، شو دوران سندس جرئتمند انداز مداحن جون دليون کٽي ورتيون.

وڌيڪ پڙهو: