پاڪستان

August 23, 2022 12:58 pm

عمران خان گرفتاري جي خبر ٻڌي رات جو موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو : محسن نواز رانجها

مسلم ليگ (ن) جي ميمبر قومي اسيمبلي محسن نواز رانجها انڪشاف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گرفتاري جي خبر ٻڌي رات جو موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو. نجي ٽي سان ڳالهائيندي محسن نواز رانجها چيو ته جن عدالتن کان عمران خان انصاف چاهي ٿو، انهن عدالتن جي ججن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هڪ عورت جج کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته توهان تيار ٿي وڃو اها ڌمڪيون ڪنهن هڪ جج لاءِ ناهن پر انهن سڀني ججن لاءِ جن وٽ تحريڪ انصاف جا ڪيس آهن.هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي 14به  ڏينهن جي رمانڊ به تي رکيو ويو  پر اسان طرفان ڪڏهن به اهڙيون ڌمڪيون نه ڏنيون ، هن وقت صورتحال اها آهي ته هر وڪيل، هر جج پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪو منفرد لاڏلو ناهي، جيڪي مديني جي رياست جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ ڇا کين خبر ناهي ته مديني جي رياست ۾ سڀ کان پهرين خلفاءِ راشدين سڀ کان پهرين پاڻ کي انصاف لاءِ پيش ڪندا هئا ، توهان ڇا ڪيو؟ محسن رانجها انڪشاف ڪيو ته گرفتاري جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ عمران خان رات جو موٽرسائيڪل تي ويهي فرار ٿي ويو، اسان کي اها به خبر آهي ته هن رات ڪٿي گذاري، اسان کي کيس گرفتار ڪرڻو هجي ها ته ان جاءِ تان به گرفتار ڪري پئي سگهياسين پر اسان کي نظر پيو اچي ته عمران خان پنهنجي ئي کوٽيل کڏ ۾ ڪرڻ وارو آهي ، تنهن ڪري اسان کي سندس لاءِ کڏ کوٽڻ جي ضرورت ئي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته شهباز گل جي ايتري سياسي حيثيت ناهي ۽ نه ئي هن جو ايترو سياسي سفر آهي، کيس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن ، جيڪڏهن اهڙا بيان ڏيڻ پاڪستان ۾ هڪ رجحان بڻجي ويو ته پوءِ جيڪي ملڪ دشمن آهن اهي ته چاهين ئي اهو ٿا ته پنهنجا ناپاڪ ارادا کي پاڪستان خلاف استعمال ڪن.

وڌيڪ پڙهو: