سنڌ

August 23, 2022 12:36 pm

عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت پهچي ويو

اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت پهچي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مقتول جي ٽين گهرواري دانيه ملڪ  جي ماءٌ به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئي. ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور درخواستگذار عبدالاحد خان ايڊووڪيٽ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو عامر لياقت سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جنهن تي درخواستگذار چيو ته مان هڪ عام شهري جي حيثيت ۾ پيش ٿيو آهيان. درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته توهان وارث نه آهيو، عدالت ۾ ڪيئن اچي سگهو ٿا؟ ايئين ته ڪنهن به شخص جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ هليا ويندا؟ عبدالاحد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ بيان ڏنو ته پوليس به عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ چاهي ٿي، ايس ايڇ او پوسٽ مارٽم جي سفارش ڪئي هئي، جڊيشل مئجسٽريٽ عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر سيشن عدالت پوسٽ مارٽم جي اجازت نه ڏني، درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا موجود آهن، جنهن تي عدالت درخواستگذار کي حڪم ڏنو ته انهن فيصلن جا ريفرنس جمع ڪرايا وڃن، جيڪڏهن عدالت مطمئن ٿي ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي. بعد ۾ عبدالاحد ايڊووڪيٽ جي درخواست تي عدالت عامر لياقت جي ڌيءَ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي 29 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته دانيه ملڪ جي وڪيل نوٽيس وصول ڪيو. عدالت برگيڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

وڌيڪ پڙهو: