پاڪستان

August 23, 2022 12:09 pm

عدليه کي ڏسڻو پوندو ته ڇا هي شخص قانون کان مٿانهون آهي : آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته هڪ شخص فوج، پوليس ۽ عورت مئجسٽريٽ کي ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو. عدليه کي ڏسڻو پوندو ته ڇا هي شخص قانون کان مٿانهون آهي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري سان سنڌ جي وزيرن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي ۾ برساتن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري چيو ته چئني صوبن ۾ برساتن سبب ايمرجنسي واري صورتحال آهي ۽ چئني صوبن ۾ متاثرن جون نظرون اسان تي آهن، تنهنڪري سڀني کي سياست ڇڏي رڳو برسات متاثرن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ ۾ هڪ شخص جو ڏينهون ڏينهن اقتدار جو نشو ان کي چريو ڪري رهيو آهي. هي شخص هر ڏينهن اسان جي فوج تي تنقيد ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان دهشتگردن سان جنگ وڙهي رهيا آهن جنهن ۾ هو پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي رهيا آهن. .هن وڌيڪ چيو ته هي شخص فوج، پوليس ۽ ليڊي مئجسٽريٽ کي ڌمڪيون ڏئي ٿو، هي شخص چوي ٿو مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو، عدليه کي ڏسڻو آهي ته هي شخص قانون کان مٿانهون آهي يا نه.اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته هو مون سميت نواز شريف ۽ ڌيءَ مريم خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري سگهي ٿو ، ڇا هي شخص پاڻ هر قانون ٽوڙي سگهي ٿو؟ ادارن ۽ حڪومت کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻي پوندي.

وڌيڪ پڙهو: