پاڪستان

August 23, 2022 11:53 am

پارليامينٽ لاجز ۾ شهباز گل جي ڪمري تي ڇاپو

اسلام آباد پوليس پارليامينٽ لاجز ۾ شهباز گل جي ڪمري تي ڇاپو . رپورٽ موجب ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري پارليامينٽ لاجز پهچي وئي، ان موقعي تي شهباز گل به ساڻن گڏ هو،. شهباز گل جي نشاندهي تي پوليس سندس ڪمري ۾ پهتي ۽ اتي تلاشي ورتي، جنهن دوران اتان ڪيتريون ئي شيون هٿ ڪيون ويون. ڪمري مان هٿ آيل سامان ۾ هڪ لوڊ ٿيل ريوالور به هو، جنهن بابت شهباز گل جو چوڻ هو ته مون کي ان بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي اهو ريوالور ڏٺو آهي. مون وٽ هڪ اي ڪي 47  آهي جنهن جو لائيسنس آهي ، ان کان علاوه شهباز گل جي ڪمري مان موبائل فون ۽ هڪ سيٽلائيٽ فون، يو ايس بي وغيره به هٿ ڪيو ويون. ڪمري مان شهباز گل جو پرس به مليو، جنهن ۾ 2 شناختي ڪارڊن سميت مختلف ڪارڊ مليا، 2 پاسپورٽ به مليا، ڪمري ۾ الماري قيمتي ڪپڙن سان ڀريل هئي.شهباز گل جو چوڻ هو ته هو هُن پرس ڪار ۾ ڇڏيو هو، خبر ناهي هتي ڪيئن آيو، پرس ڊرائيور وٽ هو، جنهن ڪمري مان هٿيار مليو اهو گارڊ جي استعمال هيٺ هو، ٿي سگهي ٿو اهو ان جو هجي، منهنجي ڪمري مون شيون تبديل هيون، مطلب ته ڪو آيو هو.ان دوران هو صحافين جي سوالن جا جواب به ڏيندو رهيو، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن چيو ته جي ها مون سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پوليس کي شهباز گل پاران خانگي ٽي وي تي پڙهيل اسڪرپٽ هٿ  ڪرڻو هئو.

وڌيڪ پڙهو: