سنڌ

August 23, 2022 11:37 am

سنڌ ۾ برسات متاثرن کي 25 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ برسات متاثرن کي 25 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته جتي به ڏسان ٿو تباهي ئي تباهي آهي، ڏکئي وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي، متاثرن کي 25 هزار رپيا امداد ڏني ويندي . ، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ بحالي جو ڪم ڪيو ويندو ، ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ برسات متاثرن حڪومت طرفان راشن، خيما ۽ سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گاڏين کي روڪيو هو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندن ٻار ۽ ڪٽنب کليل آسمان هيٺ بک وگهي ويٺا آهن، ضلعي انتظاميا ساڻن ملڻ لاءِ به تيار ناهي.

وڌيڪ پڙهو: