پاڪستان

شوبز

August 21, 2022 1:12 pm

بلبل پاڪستان نيرا نور 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

بلبل پاڪستان جي نالي سان مشهور پاڪستان جي ناليواري گلوڪارا نيرا نور 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. نيرا نور جي خانداني ذريعن موجب گلوڪارا گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هئي ۽ ڪراچي ۾ علاج هيٺ هئي، نيرا نور جي موت جي تصديق سندس ڀائٽي ٽوئٽر تي ڪندي چيو ته منهنجي چاچي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي. نيرا نور جي جنازي نماز اڄ شام 4 وڳي امام بارگاهه يثرب ڊفينس ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين ڊيفنس فيز 8 جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي. نيرا نور جو منفرد آواز پاڪستاني موسيقيءَ جي سڃاڻپ آهي، 3 نومبر 1950ع تي ڀارتي رياست آسام جي شهر گوهاٽي ۾ جنم وٺندڙ گلوڪارا پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان هلي وئي ۽ ڪراچي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هوءَ شروعاتي ڏينهن ۾ بيگم اختر ۽ ڪانن ديوي جي ڳائڻ کان متاثر هئي ۽ جڏهن هن ريڊيو پاڪستان لاءِ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان وقت نيرا نور لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ شاگردياڻي هئي. نيرا نور فيض احمد فيض جي ڪلام کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن هميشه پنهنجي ڳائڻ لاءِ خوبصورت شاعري جي چونڊ ڪئي. بلبل پاڪستان ڪيترن ئي ٽي وي سيريلن لاءِ به گانا ڳايا ۽ سندس گانا ملي نغما به تمام گهڻا مقبول ٿيا، نيرا نور 2012ع ۾ پروفيشنل ڳائڻ ڇڏي ڏنو. نيرا نور کي ڪيترن ئي قومي ايوارڊن سان نوازيو ويو، کيس 2006ع ۾ صدر پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان گڏ بلبل پاڪستان جي لقب سان نوازيو ويو. ان کان علاوه نيرا نور کي 1973ع ۾ نگار ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: