شوبز

August 14, 2022 12:46 pm

”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو ٽريلر اڄ رليز ڪيو ويندو

ايڪشن سان ڀرپور فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو ٽريلر اڄ رليز ڪيو ويندو.

هدايتڪار بلال لاشاري ۽ پروڊيوسر عمارا حڪمت جي ايڪشن سان ڀرپور فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جو ٽريلر اڄ منجهند 2 وڳي رليز ڪيو ويندو.

اها فلم جنهن پنهنجي رليز کان اڳ ئي ڌماڪو مچائي ڇڏيو آهي، اها پاڪستان جي سڀ کان مهانگي فلم آهي جيڪا لاشاري فلمز،

انسائيڪلو ميڊيا ۽ ٽرپل اي موشن پکچرز جي بينر هيٺ ٺاهي وئي آهي.

فلم جيو فلمز جي سهڪار سان 13 آڪٽوبر تي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هڪ ئي وقت رليز ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: