اهم خبرون

پاڪستان

تازه خبرون

July 6, 2022 5:13 pm

عمران خان مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا، هاڻي سچن ڪيسن کي منهن ڏئي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻاثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي حوصلو ڪرڻ کپي، هن اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪيا، هاڻي سچن ڪيسن کي منهن ڏئي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اڳوڻي وزيراعظم طرفان حڪومت تي الزامن بابت سوال تي وفاقي وزير چيو ته اِها ڪهڙي ڀت آهي جنهن سان عمران خان کي لڳايو پيو وڃي، عمران خان ڏاڍي مزي سان بني گالا ۾ ويٺو آهي، ڇا عمران خان کان ڪرپشن جي ڪيسن بابت پڇڻ هراساني آهي؟

راڻا ثناءَ الله چيو ته عمران خان هنيئر تائين توشه خاني جي تحفن جو جواب ناهي ڏنو، اُهو ڪٿي آهي جنهن هن شخص کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، قانون سندن ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي.

وفاقي وزير سوالَ اُٿاريندي چيو ته  ڇا توهان کي جيل ۾ بند ڪري توهان جو دوائون بند ڪيون ويون آهن؟ اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي اجازت نه ڏني، اها پريشاني آهي؟  ڇا عمران خان جي ڀيڻ، ڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آهي؟

راڻا ثناءُ الله چيو ته توهان مخالفن خلاف ڪارروائيون ڪندا آهيون، توهان ٻه سئو چاليهه ڪنال زمين فرح جي نالي تي حاصل ڪئي، توهان کي سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، عمران خان جيڪڏهن ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اهو ٻڌائي ته 2014ع وارو ڌرڻو ڪنهن هڻايو هو؟

هن چيو ته فرح گوگي ملڪ ۾ ڦر لٽ ڪئي، سندس خلاف رڳو انڪوائري ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ رڳو 5 سيڪڙو سي ايم هائوس ڏانهن ويندو هو، باقي بني گالا تائين ويندو، توشه خاني ۾ پنجاهه ارب رپين جي گهوٻيون هنيون ويون، جيڪي سوال ا بشير ميمڻ  ُٿاريا انهن جا جواب به ڏيو، مقررين ۽ بدلين تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آهي، منهنجي معاملي تي به پاڻ مرادو نوٽيس ورتو وڃي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته بني گالا مان هيروئن وارو بيگ پهريان اڪبر شهزاد ذريعي آءِ جي اسلام آباد کي ڏنو ، جنهن جي انڪار تي اي اين ايف ذريعي منهنجي گاڏي ۾ هيروئن رکرائي وئي، منهنجي ڪيس عمران خان ٺهرايو جنهن جي سزا موت هئي.

وفاقي گھرو وزير چيو تھ عمران خان پوري قوم لاءِ جعلي بدمعاش بڻيل هو، لانگ مارچ واري ڏينهن ٻن کان اڍائي هزار شر پسندن کي ڊي چوڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو، ٻار ۽ عورتون نه آيون هيون، جيڪڏهن اچن ها ته اسان لاءِ اهو آپريشن ممڪن نه هجي ها عمران خان ٻڌائي ته هن کي اقتدار کپي يا اين آر او؟ اسلام آباد ۾ شرپسندن خلاف ٽيئر گئس ۽ رٻڙ جون گوليون فائر ڪرڻ وقت فيمليز موجود نه هيون.

هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ملڪ چين ۽ سعودي عرب وارو نظام هجي، مان پنج سئو ماڻهن کي ڦاهي چاڙهي ڇڏيان، عمران خان جي گهر واري غداريءَ جو بيانيو تيار ڪري رهي آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان پاڻ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندو رهيو آهي، هاڻي ٿورو حوصلو ڪري سچن ڪيسز کي به منهن ڏئي.

عمران خان پندرنهن ڪروڙ رپين جون گهڙيون توشه خاني مان کنيو ۽ ويهه سيڪڙو ڏئي پنهنجي نالي ڪيون.

وڌيڪ پڙهو: