ڪراچي ايئرپورٽ تان 4 ڪروڙ روپين جي هيروئن اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام،
اينٽي نارڪوٽڪس فورس سعودي عرب ويندڙ مسافر جي سامان مان 4 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي اعليٰ ڪوائلٽي واري هيروئن هٿ ڪري ورتي،
ايئرپورٽ ذريعن موجب، مسافر اختر خان پنهنجي ٽرالي بيگ ۾ وڏي مهارت سان هيروئن لڪائي جده کڻي وڃي رهيو هو، سندس تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان سان آهي.