بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان مردن کي خوبصورت ۽ نوجوان ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
سيف علي خان ٻي شادي 2012ع ۾ اداڪارا ڪرينا ڪپور سان ڪئي جيڪا سندس کان 10 سال ننڍي هئي،
اهو ئي نه پر سيف کي ان وقت پهرين زال امرتا سنگهه کان ٻه ٻار هئا.
2014 ۾ ڀارتي ميڊيا سان هڪ انٽرويو دوران، سيف، شادي ۽ ڪرينا سان گڏ سفر جي وچ ۾ عمر جي فرق تي بحث ڪيو.
ان انٽرويو دوران سيف چيو ته مان سڀني مردن کي نوجوان ۽ خوبصورت عورتن سان شادي ڪرڻ جو مشورو ڏيندس.
بالي ووڊ اداڪار موجب مرد دير سان هوش ۾ ايندو آهي ۽ ڇوڪري جلد وڏي ٿيندي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سيف ان انٽرويو ۾ ڪرينا کي پنهنجي زندگي جي بهترين شيءِ به چيو.