KTN News

علي امين گنڊاپور پاران وزارتِ اعليٰ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان۔

وزيراعلى خيبر پختونخوا علي امين گنڊاپور صوبي جي وزارتِ اعليٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

پنهنجي بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته مان باني پي ٽي آءِ جي حڪم تي وزارتِ اعليٰ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، اسان باني پي ٽي آءِ جي آزادي ۽ پارٽي پاليسي لاءِ گڏ ٿي اڳتي وڌنداسين۔

علي امين گنڊاپور چيو ته سهيل آفريدي کي منهنجي مڪمل حمايت ۽ سپورٽ حاصل رهندي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube