ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ مرد کليل نالي ۾ ڪري پيا ۽ فوت ٿي ويا.
پوليس موجب عورت موٽرسائيڪل تي ويٺي هئي ته موٽرسائيڪل ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت گندي پاڻي ۾ ڪري پئي،
عورت کي بچائڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي سوار شخص گندي پاڻي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
جڏهن ته ٻن ڄڻن کي بچائڻ لاءِ ٽيون شخص به گندي پاڻي جي نيڪال ۾ ويو ۽ جيئرو ٻاهر نڪري آيو، پر هڪ مرد ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا.