هڪ شخص ماچس کڻي سموري ملڪ ۾ باهه لڳائڻ چاهي ٿو،
شيطاني سوچ رکندڙ شخص جي مرضيءَ موجب ملڪ جو آئين نٿو هلي سگهي،
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرن ڪندي چيو ته عمران خان اليڪشن نه پر سليڪشن چاهي ٿو،
سندس سمورا مسئلا نفسياتي آهن، عمران خان عدالتن جي گهرائڻ تي نٿو وڃي، مينار پاڪستان ۾ جلسو ڪري سگهي ٿو،
خوف جا بت ٽوڙيندڙ بلٽ پروف ڪنٽينر ۾ خطاب ڪري رهيو آهي، سمورا تماشا ختم ٿي چڪا، عمران خان جي گرفتاري هاڻي پري ناهي،
وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان اقتدار لاءِ شيطان سان به اتحاد ڪري سگهي ٿو،
دشمن جي هٿن ۾ کيڏندڙ کي واپس ڪپتاني نه ملندي.