ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ 70 ورهين جي پيرسن شيخ سهيل کي بيدردي سان قتل ڪندڙ رباب ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو،
پوليس موجب واردات وقت عورت نشي ۾ ڌت هئي، واردات ۾ استعمال ٿيل خنجر هٿوڙو ۽ پانو هٿ ڪيو ويو آهي،
عورت پيرسن شيخ سهيل کي قتل ڪرڻ بعد لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪري اڇلائي ڇڏيو.
صدر واري علائقي ۾ رباب نالي عورت 70 ورهين جي پيرسن شخص شيخ سهيل کي خنجر سان ڪهي لاش جا ڳڀا ڪري اڇلائي ڇڏيا.
پويس ناري کي گرفتار ڪري واردات استعمال ٿيل خنجر ، هٿوڙو هٿ ڪري ورتو .
پوليس موجب ناري ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي،
جنهن جو چوڻ آهي ته مقتول سندس ڀيڻ ۽ ٻارن کي قتل ڪيو هو ۽ کيس به قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو هو،
جنهن ڪري هن کيس قتل ڪري ڇڏيو ..