KTN News

54 هزار اساميون ختم ڪري ڇڏيون، ان سان 56 ارب جي بچت ٿيندي: وزير خزانه

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته 54 هزار خالي عهدا ختم ڪيا ويا آهن، جنهن سان هر سال 56 ارب رپيا بچت ٿيندي، جڏهن ته ڪيترن ئي وزارتن ۽ کاتن کي ضم ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل پاران منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام، مقابلي ۽ مالي نظم و ضبط لاءِ سڌارا اڳتي وڌي رهيا آهن.

هن چيو ته ٽيڪس نظام جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جو ايجنڊا تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ۽ ملڪ کي نقد معيشت کان دستاويزي معيشت ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته قرض جي سراسري پختگي 4 سالن تائين وڌي وئي آهي ۽ ري فنانسنگ جو خطرو گهٽجي ويو آهي، 54 هزار خالي پوسٽون ختم ڪيون ويون آهن، ان سان ساليانو 56 ارب رپيا بچندا، ۽ ڪيترن ئي وزارتن ۽ کاتن کي ضم ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جو عمل جاري آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube