اهم خبرون

پاڪستان

March 15, 2023 11:58 am

عمران خان جي گرفتاري لاءِ آپريشن دوران 54 پوليس اهلڪار زخمي

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس جي آپريشن ۾ 54 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ جهڙپ ۾ ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري سميت 64 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ 10 شهري شامل آهن، 51 پوليس اهلڪارن کي سروسز ۽ 3 کي ميو اسپتال آندو ويو.

 

وڌيڪ پڙهو: