عمران خان جـِي اسلام آباد جـِي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشيءَ دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن هڪ ايس ايس پي سميت 52 اهلڪارن کي زخمي ڪيو،
اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل چڪرين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، ترجمان موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ ۽ تشدد ۾ ايس ايس پي آپريشنز ملڪ ظفر جميل،
ايس پي صدر نوشيروان علي، ايس پي رورل حسن جهانگير ۽ ايس پي پلان اينڊ پيٽرول ڊاڪٽر سميع سميت 52 اهلڪار زخمي ٿيا،
ترجمان موجب ايس ايڇ او گولڙا جي گاڏي کي باهه ڏني وئي، مجموعي طور تي پوليس جي 12 ۽ ايف سي جي ٽن گاڏين کي نقصان پهتو، پنجاب ڪانسٽيبلري جي ٻن گاڏين جا به شيشا ٽوڙيا ويا