پاڪستان

November 4, 2021 2:09 pm

40 سالن کان وزير آهيان ۽ هي منهنجي 15 هين وزارت آهي

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان سان گڏ بيٺل آهيان ۽ ٻيٺو رهندس،اسٽيبلشمنٽ سان ڪنهن جا واسطا بهتر ٿي  رهيا آهن، مون کي ڄاڻ ناهي،

ريلوي موج واري وزارت هئي، جيستائين ٽرين نه ڪرندي هئي، تيستائين ڪوبه نه پڇندو هو ،وزارتون اچڻيون وڃڻيون آهن.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته 40 سالن کان وزير آهيان ۽ هي منهنجي 15 هين وزارت آهي.

هن چيو ته  عمران خان پنج سال پورا ڪندو، مون سان سعد رضوي  جي ڳالهه ٻولهه  فرانس جي مسئلي تي  ٿي هئي.

شيخ رشيد چيو ته بندش وڌل تنظيم سان معاملا ٻه وزير ڏسي رهيا آهن،سپريم ڪورٽ ۾  پاناما معاملي تي  ڪيس وڙهي رهيو هيس ته چيو هو ته هي قطري خط ناهي.

هن چيو ته هڪڙو اسلام آباد وڏن ماڻهن  جو آهي ۽ ٻيو  غريبن جو آهي،هتي گهڻ ماڙ عمارتون اڏجي رهيون آهن،باهه وسائڻ لاءِ ٽيم جو هجڻ ضروري آهي..

وڌيڪ پڙهو: