بين الاقوامي

دنيا

March 28, 2023 5:41 pm

آمريڪي سرحد ويجهو پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 37 ڄڻا سڙي فوت

آمريڪي سرحد ويجهو پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 37 ڄڻا سڙي فوت.
آمريڪي ميڊيا موجب حادثو آمريڪي سرحد ويجهو ميڪسيڪو جي شهر ( سيوداد جواريز Ciudad Juarez ) ۾ پيش آيو.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 37 ڄڻا فوت ۽ 21 ڄڻا زخمي آهن، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،
اختيارين پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ جو سبب نہ ٻُڌايو ، اختيارين جو چوڻ ھو ته هو جاچ ڪري رهيا آهن،
مقامي ميڊيا موجب ڪيمپ ۾ باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي اڪثريت وينزويلا سان آهي جيڪي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جا خواھشمند هئا.

وڌيڪ پڙهو: