پاڪستان

December 17, 2021 2:18 pm

3 جنوري کان سياري جي موڪلن جو اعلان

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر  تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن کي ري شيڊيول ڪندي ٽي 3 جنوري کان موڪلون ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي.

اين سي او سي  جو اجلاس  وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ موڪلن کي ري شيڊيول ڪندي ڄاڻايو ويو ته تعليمي ادارن ۾ ويڪسي نيشن  مڪمل ڪرڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي، موڪلن بابت نوٽيفڪيشن  صوبائي حڪومتون جاري ڪنديون.

اين سي او سي پاران والدين کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ٻارن کي ڪرونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳرائين، ڇاڪاڻ ته ويڪسي نيشن  تعليمي ادارن جي  کليل رهڻ سان ئي ٿيندي.

اين سي او سي  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته سخت ٿڌي موسم يا فوگ  وارن علائقن ۾ موڪلن جو تعين صوبائي حڪومتون پاڻ ڪنديون..

وڌيڪ پڙهو: