سنڌ

January 28, 2022 4:41 pm

27 فيبروري تي سنڌ حڪومت خلاف هر صورت ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو : علي زيدي

وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته 27 فيبروري تي سنڌ حڪومت خلاف هر صورت ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو،

سنڌ حڪومت ڪارو مڪاني نظام لاڳو ڪيو آهي، انهن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي،

مافيا سنڌ ۾ 14 سالن کان ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سنڌ حڪومت جماعت اسلامي کي دوکو ڏنو آهي،

اهڙا ئي واعدا وڏي وزير ٽرانسفارميشن جي اجلاس ۾ به ڪيا هئا، جيڪي وفا نه ٿيا.

پنهنجي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ علي زيدي چيو ته سنڌ حڪومت ڪارو مڪاني نظام لاڳو ڪيو آهي،مافيا سنڌ ۾ 14 سالن کان ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو،

سنڌ حڪومت جماعت اسلامي کي دوکو ڏنو آهي، اهڙا ئي واعدا وڏي وزير ٽرانسفارميشن جي اجلاس ۾ به ڪيا هئا، جيڪي وفا نه ٿيا.

علي زيدي چيو ته انهن جو وقت پورو ٿي چڪو آهي ، 27  فيبروري تي سنڌ حڪومت خلاف هر صورت ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي تائين مارچ ڪيو ويندو..

وڌيڪ پڙهو: