پاڪستان

November 26, 2021 4:35 pm

24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 252 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا

ڪرونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ ستن شهرين جون جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، جڏهن ته متاثرن جو تعداد وڌي ڪري 12 لک 83 هزار 475 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق  ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 252 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا.

اين سي او سي مطابق  سنڌ ڪرونا کان متاثر  ٿيندڙ سڀني کان وڏو صوبو آهي، جتي 4 لک 74 هزار 818 شهري متاثر ٿيا آهن، پنجاب ۾ متاثرن جو انگ چار لک 42 هزار 804 ٿي ويو.

اين سي او سي  مطابق  بلوچستان  ۾ 33 هزار 467، گلگت ۾ 10 هزار 411، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 34 هزار 540 ۽ اسلام آباد ۾متاثرن جو تعداد هڪ لک 7 هزار 580 ٿي ويو.

اين سي او مطابق 24 ڪلاڪن دوران  ڪرونا جون 35 هزار 176 ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته مثبت ڪيسز جي شرح ٻڙي ڏهائي ست هڪ سيڪڙو تائين گهٽجي وئي..

وڌيڪ پڙهو: