KTN News

2025 جي آخري ملڪ گير پوليو جي خاتمي جي مهم جو افتتاح

وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سال 2025 جي آخري ملڪ گير پوليو جي خاتمي جي مهم جو افتتاح ڪيو.

تفصيل موجب، مصطفيٰ ڪمال پوليو مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ملڪ مان پوليو جي ڪيسن کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. ملڪ ۾ 90 سيڪڙو ٻارن کي پوليو آهي.

هن سال 55.4 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. گذريل سال پوليو جا 74 ڪيس هئا، هن سال 30 ڪيس رپورٽ ٿيا. پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ حصي ۾ پوليو وائرس آهي.

هن چيو ته پوليو جو وائرس هشاور، ڪراچي ۽ لاهور ۾ موجود آهي. ٻارن کي وائرس کان بچائڻ لاءِ مهم ۾ ڦڙا ضرور پيارڻ گهرجن. وفاقي حڪومت ملڪ مان وائرس جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٽيهه پوليو ڪيسن مان 19 ڪيس خيبر پختونخوا مان آهن. 16 ڪيس ڏکڻ خيبر پختونخوا مان رپورٽ ٿيا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube