پاڪستان

January 14, 2022 1:15 pm

2023 جون چونڊون ن ليگ ۽ زرداري گروپ جون آخري چونڊون ثابت ٿينديون : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته 2023 جون چونڊون ن ليگ ۽ زرداري گروپ جون آخري چونڊون ثابت ٿينديون.

ٽوئيٽ ڪندي  فواد چوڌري چيو ته 2023 جون چونڊون  ن ليگ ۽ زرداري گروپ  لاءِ  آخري ثابت ٿينديون.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست  انشاءَ الله 2023 جي چونڊن ۾ هي چهرا پارليامينٽ  مان مڪمل ٻاهر هوندا ۽ هي انهن لاءِ آخري چونڊون هونديون.

هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي پارليامينٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مات ملي آهي.

فواد چوڌري چيو ته  اپوزيشن جون خواهشون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون،هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست اپوزيشن جو مقدر بڻي، وزير اعظم  جا خاص ٿورا مڃيان ٿو، هو آخر تائين قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ رهيو.

هڪ ٻيو ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪري  تحريڪ انصاف  جي سمورن ڪارڪنن جا حوصلا بلند رهيا، قومي اسيمبلي ۾ وڏي قانون سازي ٿي، ان کانپوءِ آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ ڪابه رنڊڪ ناهي..

وڌيڪ پڙهو: