پاڪستان

December 24, 2021 2:58 pm

2018 کان هيل تائين حڪومتي قرض 40 ارب ڊالر تي پهچي چڪا آهن : شهباز شريف

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مِني بجيٽ منظور ناهي، اها پارليامينٽ جي ميمبرن جو امتحان آهي،

اميد آهي ته حڪومتي باضمير ميمبر جرئتمنداڻو اسٽينڊ وٺندا،اتحادي به همٿ کان ڪم وٺن ۽ حڪومت خلاف حق جو ڪلمو پڙهن.

جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته مِني بجيٽ ذريعي پاڪستان جا هٿ ۽ پير ٻڌڻ جي تياري ٿي رهي آهي.

هن چيو ته 2018 کان هيل تائين حڪومتي قرض 40 ارب ڊالر تي پهچي چڪا آهن،

هلندڙ سال حڪومت 5 مهينن ۾ 4 ارب 94 ڪروڙ ڊالر جو پرڏيهي قرض ورتو،

ورتل قرض مان 3 ارب 45 ڪروڙ غير ترقياتي مقصدن لاءِ ورتا ويا.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي پوڻا 6 رپيا مهانگي ڪرڻ واري درخواست ظلم آهي.

هن چيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وري واڌ ٿي وئي آهي،

100ڪلو کنڊ وارو ٿيلهو 880 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ڊالر 180.7 رپين جي بلند سطح تي آهي،

حڪومت ڊالر نه هجڻ جو چئي وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ڪري رهي آهي..

وڌيڪ پڙهو: