سنڌ

January 7, 2022 2:49 pm

2017 ۾ ڪرايل آدمشماري تي آيل خرچن جو وچور سينيٽ اجلاس ۾ پيش

وفاق ملڪ ۾  2017 ۾ ڪرايل آدمشماري تي آيل خرچن جو وچور سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

وفاقي وزير اسد عمر لکت ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڄاڻايو آهي ته 2017 ۾ آدمشماري تي ڪل لاڳت 16.884 ارب رپيا آئي.

هن چيو ته 2022 جي آدمشماري ۽ گهر شماري جي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي.

اسد عمر چيو ته هڪ پائلٽ آدمشماري 15 مئي 2022 کان 15 جون 2022 جي وچ  ۾ ٿيندي، جڏهن ته مڪمل فيلڊ آپريشن  جو سلسلو پهرين آگسٽ 2022 کان 31 آگسٽ 2022 تائين ڪرائي ويندي.

مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم جي هدايت تي آدمشماري ڪرائي پئي وڃي.

هن چيو ته  وزيراعظم سمجهي ٿو ته آبادي جو پتو لڳائڻ کانسواءِ رٿابندي ٿي نٿي سگهي،ن ليگ آدمشماري  جو وقت 10 سالن مان وڌائي 17 سال ڪري ڇڏيو….

علي محمد خان سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته  پ پ  ۽  ن ليگ جي گذريل دورن  ۾ رپئي  جي ملهه ۾ سو سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ موجودهه حڪومت جي دور ۾ رپئي جي ملهه ۾ 45 سيڪڙو لاٿ ٿي.

سينيٽ اجلاس ۾ مني بل 2021 تي بحث ۾ حصو وٺندي  مني بجيٽ  ۽ سينيٽ جي نام نهاد خودمختياري واري بل تي سخت تنقيد ڪئي.

هن چيو ته هي سرينڊر دستاويز آهي، پاڪستان جي آزادي کي گروي رکيو ويو آهي،40 مهينن ۾ رپئي جي ملهه ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

علي محمد خان جواب ڏيندي چيو ته ن ليگ جي دور ۾ هٿراڌو طريقي سان رپئي جي ملهه ۾ واڌ ڪئي وئي،هينئر رپيو پنهنجي اصل قدر سان گڏ بيٺو آهي.

وڌيڪ پڙهو: