پاڪستان

December 16, 2021 1:37 pm

16 هزارن کان وڌيڪ برطرف ملازمن جي ڪيس جو فيصلو محفوظ

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ  16 هزارن کان وڌيڪ برطرف ملازمن جي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس  ڏيندي چيو ته اسان حڪومت جي تجويزن سان اتفاق نٿا ڪريون،ملازمن جي ڀرتي جي طريقئڪار تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ 30 سال اڳ ميرٽ ۽ شفاف ڀرتين بابت ڪيترائي فيصلا ڏئي چڪي آهي، جسٽس جواد ايس خواجا  اوگرا ڪيس ۾ بهترين فيصلو ڏنو.

عدالت ڄاڻايو ته ڀرتين لاءِ  آئين ۽ قانون جي مطابق  طريقيئڪار تي عمل ضروري آهي،مقررين لاءِ اشتهار، ٽيسٽ، ميرٽ شفافيت به ضروري آهن.

جسٽس عمر عطا بنديال ڄاڻايو ته حڪومت پنهنجن تجويزن ۾ تسليم ڪيو  ته قاعدن کي سامهون نه رکيو ويو، اسان کي تڪرارن ۾ پوڻو ناهي،جن ماڻهن کي ڪڍيو ويو ته حق متاثر ٿيا.

سپريم ڪورٽ ڄاڻايو ته ملازمن جي ڀرتي وقت قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي،برطرف ملازمن سان همدردي آهي، پر عدالت آئين کي ڏسندي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملازمن کي سهولت به ڏيڻي پئي ته آئين مطابق  ڏينداسين،حڪومتي تجويزن جا نه پر آئين مطابق  هلنداسين،

ان کان اڳ اٽارني جنرل حڪومتي تجويزن کي ٻين درخواستگذارن جي وڪيلن جي راضپي سان مشروط ڪري ڇڏيو.

اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته جيڪڏھن ٻين درخواست گذارن جا وڪيل حڪومتي تجويزن سان اتفاق ڪن ٿا ته عدالت انھن تي غور ڪري، جن ملازمن کي غير حاضري يا مس ڪنڊڪٽ تي ڪڍيو ويو آھي انھن تي اسان جون ڏنل تجويزون لاڳو نه ٿينديون.

اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏھن سمورن ملازمن جا وڪيل حڪومتي تجويزن جي حمايت ڪندا ته انھن تي عمل ٿيندو، جيڪڏھن  ٻين ملازمن جي وڪيلن کي تجويزن تي اعتراض آھي ته اسان تجويزون واپس وٺي ڇڏينداسين.

وڌيڪ پڙهو: