پاڪستان

November 19, 2021 12:23 pm

عمران خان 4 سالن ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري بدران جيڪڏهن عوام جي خدمت ڪري ها ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين پٺيان نه لڪي ها : حمزه شهباز

ن ليگ جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته عمران خان 4 سالن ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري بدران جيڪڏهن عوام جي خدمت ڪري ها ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين پٺيان نه لڪي ها.

لاهور ۾ احتساب عدالت ٻاهران  ميڊيا سان ڳالهائيندي  حمزه شهباز چيو ته  ڇا 126 ڏينهن جو ڌرڻو قوم سان مشڪري هئي. ملڪ ۾ معاشي نظام تباهي ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ماهرن جو چوڻ آهي ته اي وي ايم شفافيت ۾ رڪاوٽ آهي،اي وي ايم کي دنيا رد ڪري چڪي آهي.

هن چيو ته 2018 جي اليڪشن جي شفافيت  تي اختلا ف آهن ۽ رهندا،جيڪڏهن عمران خان عوام جي خدمت ڪري ها ته اي وي ايم جو سهارو نه وٺي ها.

حمزا شهباز چيو ته هي عام چونڊن ۾ اي وي ايم پٺيان لڪڻ چاهي ٿو،ن ليگ پنهنجي دور ۾ چار تڪ کوليا هئا…

وڌيڪ پڙهو: