سنڌ

December 16, 2021 11:53 am

13-2012ع ۾ پير مظهرالحق جي دور ۾ ڀرتي ٿيل استادن توڙي ماتحت عملي واري ڪيس جي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهرالحق جي دور ۾ 13-2012ع دوران ڀرتي ٿيل استادن ۽ ماتحت عملي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سينارٽي ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر ۽ قاضي امين احمد تي ٻڌل ڊويزن بئنچ 13-2012ع ۾ پير مظهرالحق جي دور ۾ ڀرتي ٿيل استادن توڙي ماتحت عملي واري ڪيس جي وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت استادن ۽ ماتحت عملي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي،

جنهن ۾ تعليم وارو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر ڪراچي به شامل آهن.

عدالت ڪميٽي کي ٽن مهينن اندر ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪري اهل اميدوارن کي ڀرتي واري تاريخ کان سينيارٽي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل ملازمن مان جن به جيترو عرصو ڊيوٽي ڪئي آهي، ان مدي جي پگهار فوري ادا ڪئي وڃي.

سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهرالحق جي دور ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي مخٿلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي ڀرتيون ڪيون ويون هيون جن کي کاتي پاران غير قانوني قرار ڏنو ويو هو..

وڌيڪ پڙهو: