پاڪستان

November 30, 2021 12:43 pm

13 نقاطي ايجنڊا تي غور لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾  13 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو پيو وڃي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ،معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ڪابينا کي معاشي ٽارگيٽس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني پئي وڃي، مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز  ۾ سي اي اوز ۽ ايم ڊيز جي خالي جاين کي ڀرڻ لاءِ بريفنگ به شامل آهي.

ڪابينا ۾ نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2019 جي قانون ۾ نرمي جي منظوري ڏني ويندي،سول ايوي ايشن جي رول 68 ۾ جهازن جي اڏام  جي بابت غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن لاءِ گاڏين جي امپورٽ اسڪيم جي منظوري ڏني ويندي،

ان سان گڏ فارما سيوٽيڪل ڪمپنين جي لاءِ دوائن  جي تياري ۽ پروموشن تي بريفنگ ڏني ويندي..

وڌيڪ پڙهو: