سنڌ

December 23, 2021 12:37 pm

10 ورهين بعد ٿر جيپ ريلي 13جنوري کان شروع ٿيندي

ٿر جي صحرا ۾ 10ورهين بعد ٿر جيپ ريلي 13جنوري کان شروع ٿيندي، چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ دوران سنڌ جي ثقافتي رانديون پڻ منعقد ڪيون وينديون.

ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو راندين بابت اسپيشل صلاحڪار ارباب لطف الله ٿر جيپ ريلي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش چاولا، مير نادر مگسي ۽ عامر مگسي موجود هئا.

ارباب لطف الله چيو ته ٿر جيپ ريلي 10سالن بعد ٻيهر منعقد ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته 125ڪلوميٽرز تي ٻڌل ريلي ۾ ملڪ جا ٽاپ جا ڊرائيورز شرڪت ڪندا.

ارباب لطف الله وڌيڪ چيو ته ٿر چيپ ريلي ۾ اٺن جي ريس، گهوڙن جي ڊوڙ ۽ ملهه ملاکڙو پڻ منعقد ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: