پاڪستان

January 4, 2022 1:09 pm

10 ارب رپين جي هرجاڻي ڪيس ۾ آڏي پڇا جو حق ختم ڪرڻ خلاف درخواست تي وزير اعظم عمران خان کي نوٽيس جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 10 ارب رپين جي هرجاڻي ڪيس ۾ آڏي پڇا جو حق ختم ڪرڻ خلاف درخواست تي وزير اعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،

12 جنوري تي جواب طلب، عدالت سيشن ڪورٽ کي ڪارروائي هلائڻ کان به روڪي ڇڏيو،

ن ليگ اڳواڻ خواجه آصف درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ هرجاڻي ڪيس ۾ وزيراعظم جي بيان تي منهنجي آڏي پڇا جو حق ختم ڪيو آهي،

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 2012 کان ڪيس هلي پيو، دير جوذميوار ڪير آهي، عدالت جون واضح هدايتون آهن ته هرجاڻي جا ڪيس تڪڙا اڪلايا وڃن..

وڌيڪ پڙهو: