گهوٽڪي ۾ ميرپور ماتهيليو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري طفيل رند قاتلانه حملي ۾ جانبحق ٿي ويا۔
پوليس مطابق طفيل رند پنهنجي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ پئي ويا ته جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڇڏي، طفيل رند تي ميرپور ماتهيليو جي علائقي جروار روڊ مسو واھ تي فائرنگ ڪئي وئي۔
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ طفيل رند جانبحق ٿي ويا، جن جو لاش ڊي ايچ ڪيو اسپتال ميرپور ماتهيليو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي۔
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه گهوٽڪي ۾ صحافي طفيل رند جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صحافين تي حملو آزاديءِ صحافت تي حملو آهي۔ وزيراعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔