KTN News

گهوٽڪي: لاهور کان ڪراچي ويندڙ پاڪ بزنس ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي

لاهور کان ڪراچي ويندڙ پاڪ بزنس ايڪسپريس گهوٽڪي ۾ وڏي حادثي کان بچي وئي. ٻن بوگين کي ڳنڍيندڙ ٿلهو ٽٽي پيو. مسافر ٽرين کي روڪيو ويو ۽ بچاءُ ٽيم موڪلي وئي.

مسافرن مطالبو ڪيو ته ٽرين کي جلد موڪلڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙا واقعا موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا، ريلوي عملدارن کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته مرمت جو ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٽرين موڪلي ويندي. مرمت جي ڪم لاءِ هڪ ٽيم موڪلي وئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube