سعودي عرب ۾، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي سعودي هم منصب شهزادي عبدالعزيز بن سعود سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ انهن پوليس ۽ نيم فوجي دستن لاءِ تربيتي تبادلي جي پروگرام تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ سيڪيورٽي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي پڻ بحث ڪيو ويو.
برمي مسلمانن جي قانوني حيثيت جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلي تي پڻ بحث ڪيو ويو. سعودي وزير داخلا پنهنجي پاڪستاني هم منصب محسن نقوي جو برمي مسلمانن جي مسئلي کي حل ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.
ايندڙ مهيني پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گهرو وزارتن جي ورڪنگ گروپ جي اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.




