KTN News

گاڏين جي فيوچرڊ نمبر پليٽن بابت: سنڌ حڪومت پاران شهرين لاءِ نيون هدايتون جاري۔

ڪراچي: سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته هو پنهنجي گاڏين جا پراڻا نمبر جلد کان جلد نون فيوچرڊ نمبر پليٽن سان تبديل ڪرائين.

رپورٽ موجب، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي طرفان هڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهم هدايتون ڏنيون ويون آهن، جن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ شهرين کي سخت قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ڀر ۾ سڀني موٽر سائيڪلن، ڪارن ۽ ٻين نجي يا ڪمرشل گاڏين وارن کي ٻيهر ياد ڏياريو پيو وڃي ته ايندڙ مهيني تائين پنهنجا پيلا رنگ يا پراڻا نمبر پليٽ نون فيوچرڊ نمبر پليٽن سان تبديل ڪرائن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube