KTN News

ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي جي معاملي تي وڏي اڳڀرائي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي واري ڪيس ۾ فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

تفصيلن موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن وسيلي ميونسپل ٽيڪس جي وصولي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور ايڊووڪيٽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته هن ٽيڪس خلاف وڌيڪ درخواستون به داخل ڪيون ويون آهن، پر جيستائين بنيادي درخواست تي فيصلو نٿو اچي، تيستائين ٻين درخواستن تي به عملدرآمد ممڪن نه آهي. عدالت اڳ ۾ ئي چيو آهي ته ٽيڪس وصولي جو حتمي فيصلو هن ئي درخواست جي فيصلي سان مشروط هوندو.

وڪيل جو چوڻ هو ته ميونسپل ٽيڪس چارجز لاڳو ڪرڻ سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2013 جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته نيپرا به ڪي اليڪٽرڪ وسيلي ڪي ايم سي ٽيڪس وصولي کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ميئر ڪراچي مرتضى وهاب، عدالت جي 29 مئي 2024 جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. عدالت فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪندي 28 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube