KTN News

ڪراچي ۾ 3 ٽرانسجيڊرز جي قتل تي خواجه سرا برادري جو احتجاج

رپورٽ، شيخ اسرار
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 3 ٽرانسجينڊر قتل ٿيڻ کانپوءِ شهر جي خواجه سرا برادري خوف جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته قتل ٿيل ٽنهي خواجه سرائن جا قاتل اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا.
ٽرانسجينڊر انٽرايڪٽو الائنس پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ وڪيلن ۽ سياسي، سماجي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.
ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ 21 سيپٽمبر تي نامعلوم جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. جن جو جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ٽنهي ٽرانسجينڊرز کي هڪ،هڪ گولي لڳل هئي. هڪ کي سيني ۽ ٻن کي مٿي ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادي موجب واقعي واري هنڌ وٽان نائن ايم ايم پسٽل جا 2 خالي خول هٿ آيا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو هو ۽ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين پوليس قاتل جو پتو لڳائي ناهي سگهي.
پاڪستان جون سماجي تنظيمون جوابدارن جي گهر ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ان سلسلي ۾
ٽرانسجينڊر انٽرايڪٽو الائنس پاران اڳواڻن زهرش خانزادي، بنديا رانا، ڪامي سڊ ۽ ٻين پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ وڪيلن، مزدور يونين ۽ ومن ايڪش فورم جي اڳواڻن سميت سماجي ڪارڪنن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ زهرش خانزادي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ٽرانسجينڊرز خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي، منصوبابندي سان نفرت ڦهلائي پئي وڃي، جنهن کي روڪڻ تمام ضروري آهي. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته مارجي ويل ٽرانسجينڊرز ملير جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ انهن مان هڪ کي مائٽن گهران ڪڍي ڇڏيو هو. هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنهي ٽرانسجينڊرز جاقاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.
واضع رهي ته مارجي ويل ٽرانسجينڊرز جي سڃاڻپ اسما، ايلڪس ۽ جينل جي نالن سان ٿي آهي. جن بابت زهرش خانزادي ٻڌايو ته هنن پنهنجي جنس تبديل ڪرائي هئي ۽ هو ٽرانسجينڊرز هئا. ميڊيا ۾ انهن جي جنس بابت ڳالهيون هلايون پيون وڃن، جيڪي درست ناهن

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube