ڪراچي جي علائقي شيرين جناح ڪالوني ۾ 5 هزار رپين جي ڏيتي ليتي جي معمولي ڳالهه تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙي سبب فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو جيڪسن جي علائقي سڪندرآباد جي آمنه مسجد جي ويجهو پيش آيو، جتي هڪ جرڳي دوران گرما گرم بحث دوران جهيڙو ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدارن ۽ متاثرن وچ ۾ ڏيتي ليتي تان تڪرار هلندڙ هو، ۽ جڏهن جرڳي دوران جهيڙو وڌي ويو ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر موقعي تي ئي مارجي ويا.
مارجي ويلن جي سڃاڻپ 20 سالن جي ڪامران ۽ 24 سالن جي سرتاج پٽ ممتاز خان جي نالي سان ٿي آهي، ۽ ٻنهي جي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب واقعي بعد فائرنگ ۾ ملوث ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي.
مقتول ڀائرن جي پيءُ جناح اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاڻيجي جعفر جو سندس پٽن سان 5 هزار رپين جي معاملي تي جهيڙو ٿيو هو، پر اسان صلح ڪري ورتي هئي پر ان جي باوجود ڀاڻيجا ناراض رهيا.
هن چيو ته آئون ڀاڻيجن کي چيو هو ته 5 هزار رپيا آئون ڀري ڏيندس.
متاثرين جي پيءُ وڌيڪ چيو ته جعفر، جيڪو نه رڳو منهنجو ڀائٽيو آهي پر منهنجو ناٺي پڻ آهي، فائرنگ ڪئي، اڄ منهنجا پٽ گهر کان ٻاهر ويٺا هئا جڏهن جعفر پنهنجن ساٿين سان گڏ آيو ۽ فائرنگ ڪئي.




