KTN News

ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي ميمڻ ڳوٺ ويجهو ُٻوڙن مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي ميمڻ ڳوٺ ويجهو ُٻوڙن مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان هڪ ناري کي پڻ زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو  آهي. 

پوليس موجب واقعو سپر هاءِ وي تي هڪ سيمنٽ ڪمپني ويجهو پيش آيو.

پوليس موجب موٽرسائيڪل سوارٻه هٿياربند، ُٻوڙن ۾ 2 مردن کي ان وقت گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جڏهن انهن سان گڏ هڪ ناري پڻ موجود هئي.

پوليس موجب واقعي جي اطلاع تي پوليس پارٽي جڏهن پهتي ته اتي 2 لاش ۽ هڪ ناري زخمي حالت ۾ ويٺل هئي.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان 2 ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جن جي سڃاڻپ سيفل پٽ نواب جوکيو ۽ غلام حيدر پٽ محمد اسلم طور ٿي آهي، زخمي عورت جي سڃاڻپ ناهه شهزادي مسيح طور ٿي آهي.

زخمي عورت پوليس کي بيان ڏنو ته ٻن نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.

واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم گولين جا خول مليا آهن، پوليس واقعي واري هنڌ تان 2 موٽر سائيڪلون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube