KTN News

ڪراچي ۾ اي چالان خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪئي وئي۔

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ڪراچي ۾ اي چالان خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي۔

تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ انتظامن ۽ روڊ سيفٽي قدمن کان بغير اليڪٽرانڪ چالان جو نفاذ ڪيو ويو آهي۔

تحريڪ التوا ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڀڃل رستا حادثن جو سبب بڻجي رهيا آهن، غيرفعال ٽريفڪ سگنل، رستن جا نشان، زيبرا ڪراسنگ ۽ ٽريفڪ سائن بورڊن جي کوٽ آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube