KTN News

ڪراچي ۾ اي ٽڪيٽنگ جو سلسلو 27 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، آءِ جي سنڌ

انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ، غلام نبي ميمن چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي اي چالان جو سلسلو 27 آڪٽوبر کان ڀرپور طريقي سان شروع ڪيو ويندو.

ان سلسلي ۾ سيف سٽي پروگرام ۽ ٽريفڪ پوليس جو عملو گڏيل رٿابندي سان پروگرامنگ تي ڪم ڪري رهيو آهي.


آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته تازن ڏينهن ۾ ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي ٽريفڪ پوليس پاران چالان ڪرڻ جو سلسلو فني بنيادن تي روڪيو ويو آهي.

غلام نبي ميمن ٻڌايو ته چالان مشينون مهيا ڪندڙ ۽ ڏنڊ گڏ ڪندڙ ڪمپنيءَ سان 10 سالن جو معاهدو 30 سيپٽمبر تي ختم ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪمپني يا ڪنهن ٻي اداري سان نئون معاهدو ان ڪري نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ⁠ته ڪجهه هفتن اندر سيف سٽي پروگرام تحت اي ٽڪيٽنگ جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه هفتا ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي چالان نه ٿين، ته به ان سان ڪو وڏو فرق نه پئجي رهيو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته هن وقت به اي چالان ٿي رهيا آهن، پر اهو صرف ڊمي پروسيس آهي، اهي چالان شهري ماڻهن ڏانهن موڪليا نه پيا وڃن.

هن چيو ته شهر ڀر ۾ بنا فرق جي اي ٽڪيٽنگ جو سلسلو 27 آڪٽوبر تي وڏي وزير سنڌ، مراد علي شاهه جي افتتاح بعد شروع ڪيو ويندو، جنهن سان ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي ۾ واضح گهٽتائي ايندي.


Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube