ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ پوليس سافٽويئر هائوس تي ڪارروائي ڪندي مبينه طور بيجا قيد ۾ رکي ويل ملازمه کي بازياب ڪرائي ورتو۔
پوليس جو چوڻ آهي ته سافٽويئر هائوس ۾ ملازمه کي مبينه طور بيجا قيد ۾ رکيو ويو هو، جڏهن ڇوڪري جا گهر وارا پهتا ته سافٽويئر هائوس جي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني۔
پوليس موجب، گارڊ جي فائرنگ جي جواب ۾ ڇوڪري جي گهر وارن به جوابي فائرنگ ڪئي۔
پوليس ڪارروائي ڪندي سافٽويئر هائوس جي منتظمين ۽ گارڊ سميت 5 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي۔




