KTN News

ڪراچي جي  علائقي ملير ،ميمڻ ڳوٺ ويجهو ڊمپر جي ٽڪر سبب هڪ افسوسناڪ حادثو

 ڪراچي جي  علائقي ملير ،ميمڻ ڳوٺ ويجهو ڊمپر جي ٽڪر سبب هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوار 25 ورهين جو شاھنواز ولد مولا بخش فوت ٿي ويو، جڏهن⁠ ته سندس ساٿي 24 ورهين جو شانو ولد غلام محمد سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع ملڻ تي ميمڻ ڳوٺ پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو.

 پوليس موجب فوتي ۽ زخمي ٻنهي جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

حادثي کان پوءِ پوليس ڊمپر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ۽ گاڏي پڻ تحويل ۾ وٺي وئي آهي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي…

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube