ڪراچي جي علائقي مبينا ٽائون پوليس جي يونيورسٽي روڊ ويجهو جوابدارن سان مبينا مقابلي دوران ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ايسٽ پوليس ترجمان مطابق پوليس ٽيم ڏوهارين کي روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو ته انهن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي.
پوليس مطابق ٻنهي ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽي ڏوهاري خادم حسين، محمد شاهد ۽ محمد ڪاشف زخمي ٿي پيا، جن کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان غيرقانوني هٿيار، بارود، موبائل فون، موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀڄي ويل ساٿي جي ڳولا جاري آهي.
پوليس طرفان وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي، ۽ گرفتار جوابدارن جو فوجداري ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.




