KTN News

ڪراچيءَ جي عدالت دهشتگردي ڪيس ۾ نامزد چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غنيءَ کي آزاد ڪرڻ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

ڪراچيءَ جي عدالت دهشتگردي ڪيس ۾ نامزد چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غنيءَ کي آزاد ڪرڻ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت سوال ڪيو ته فرحان غنيءَ کي ڪهڙي قانون تحت آزاد ڪيو ويو؟، ڪيترن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڪڏهن ڪيا ويا؟ ٻڌايو وڃي ته ڇا جاچ دوران جوابدار جي آزاديءَ وارو قانون دهشتگردي وارن ڪيسز ۾ به لاڳو ٿئي ٿو؟ڪهڙي سيڪشن تي جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرڪاري ملازم تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس ۾ نامزد نامزد چنيسر ٽائون جو چيئرمين فرحان غني ۽ بيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته فرحان غني کي ڪهڙي سيڪشن تحت آزاد ڪيو ويو؟ ۽ اها درخواست ڪٿي آهي؟.

جاچ آفيسر ٻڌايو ته 24 آگسٽ تي ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو  ته شاهدن جي بيانن مطابق، سرڪاري ڪم بند ڪرايو ويو.

وڪيل چيو ته جيڪڏهن روڊ، گهٽي يا فٽ پاٿ کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ لازمي هو.

عدالت وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا دهشتگردي جي دفعي واري ڪيس ۾ صلح ٿي سگهي ٿي؟ مدعي جو بيان ڪهڙي قانون تحت رڪارڊ ڪيو ويو؟، دهشتگردي ٽوڙ قانون ۾ صلح جي ڪا گنجائش ناهي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته انصاف جي تقاضائن مطابق شفاف جاچ ڪئي وئي آهي، هي ڪيس دهشتگردي قانون جو ناهي، نه ئي ڪابه دهشتگردي ٿي آهي. اسان درخواست داخل ڪري رهيا آهيون ته ڪيس کي عام قانون هيٺ منتقل ڪيو وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube