KTN News

ڊڪي ڀائي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اچي ويو

لاهور : سيشن ڪورٽ لاهور يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ فيصلو سنايو.

ايڊيشنل سيشن جج ڊاڪٽر ساجدہ چوڌري، ڊڪي ڀاءُ جي ضمانت تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي، سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي.

سماعت دوران، ڊڪي ڀاءُ جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ ڪو به هڪ گواهه موجود ناهي، ۽ نه ئي سندس موڪل کي ڪنهن قسم جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ۽ نه ئي انهن وٽان ڪا ايپ هٿ ڪئي وئي آهي.

وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته انڪوائري 30 جون تي شروع ٿي، جڏهن ته ڊڪي ڀاءُ کي 13 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو، ۽ ڪيس 17 آگسٽ تي داخل ڪيو ويو. وڪيل جو چوڻ هو ته انهن تي “پيڪا 37” لاڳو ڪئي وئي، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن اها غير قانوني سرگرمي هئي، ته پهريان ان کي بلاڪ ڪيو وڃي ها – پر اهڙي ڪا به ڪارروائي نه ٿي.

وڪيل چيو ته جيڪڏهن اهي ايپس غير قانوني هيون، ته سڀ کان پهريان پي ٽي اي يا لاڳاپيل اداري کي انهن کي بلاڪ ڪرڻ کپي ها. سال 2020 جو قاعدو به آهي ته جيڪڏهن اهڙيون غير قانوني ايپس هلن پيون، ته انهن کي بند ڪرائڻ گهرجي. ۽ جڏهن تائين ڪيس داخل ٿيو، ان وقت تائين پي ٽي اي انهن ايپس کي نه ته بين ڪيو هو ۽ نه ئي غير قانوني قرار ڏنو هو.

بعد ۾، ايڊيشنل سيشن جج ساجدہ چوڌري وڪيلن جي دليلن کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو. قومي سائبر انويسٽيگيشن ايجنسي ڊڪي ڀاءُ خلاف جوا واري ايپ جي پروموشن بابت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube