ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول تي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ امام مسجد شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي به دوزخ واصل ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان پوليس ٽريننگ اسڪول تي 10 ۽ 11 آڪٽوبر جي وچين رات حملو ڪيو ويو، دهشتگردن اسڪول جي ٻاهريان سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي اسڪول جي مرڪزي دروازي سان ٽڪرائي.

تعلقات عامه واري شعبي ٻڌايو ته پوليس اهلڪارن ٽي ڀارتي حمايت يافته خوارج ماريا، جڏهن ته ٻه ٻيا دهشتگرد عمارت اندر گهيري اندر آڻڻ بعد سيڪيورٽي فورسز ٽارگيٽڊ ڪارروائي دوران انجام تائين پهچايا.
آءِ ايس پي آر مطابق، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر پوليس اهلڪارن شهادت حاصل ڪئي، شهيد پوليس اهلڪارن ۾ تربيت وٺندڙ جوان به شامل هئا. دهشتگردن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ بيگناهه شهري پڻ زخمي ٿيو.
تعلقات عامه واري شعبي ٻڌايو ته حملي دوران دهشتگردن اسڪول ڪمپليڪس جي مسجد تي به حملو ڪيو، دهشتگردن عبادت گاهه جي بي حرمتي ڪئي ۽ امام مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر مطابق، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، بزدلانه ۽ سفاڪاڻي ڪارروائي ۾ ملوث عناصر کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.




